اين آءِ سي وي ڊي جي چيف آپريٽنگ آفيسر جي استعيفيٰ

ڪراچي(رپورٽ: محمدعلي نقرچ )  اين آءِ سي وي ڊي جي چيف آپريٽنگ آفيسر غيرقانوني مقرري عدالت ۾ چئلينج ٿيڻ کانپوءِ استيفعيٰ  ڏئي ڇڏي، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ  اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نديم قمر کي سنڌ ڪابينا پاران هٽائڻ جي فيصلي کانپوءِ غيرقانوني طور تجربي رکڻ بنا ڀرتي ٿيل چيف آپريٽنگ آفيسر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر سهيل خان مقرري جو معاملو عدالت ۾ وڃڻ کانپوءِ چيف آپريٽنگ آفيسر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب سهيل خان جي ڀرتي خلاف عدالت ۾ به پٽيشن داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته سهيل خان ٻٽي شهريت رکڻ کانسواءِ ٻئي صوبي جو ڊوميسائل رکندڙ آهي جنهن کي غيرقانوني طريقي سان ڀرتي ڪيو ويو آهي، ان ڪري کيس هٽايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.