ٺٽو: ڪي فور منصوبو، تعميراتي ڪم دوران 2 پورهيت فوت، هڪ زخمي

ٺٽو(ڊ ر) ڪي فور منصوبي ۾ ڪم ڪندڙ پورھيتن لاءِ حفاظتي انتظام نه هجڻ سبب هلندڙ تعميراتي ڪم دوران پورهيتن جون زندگيون داءُ تي  لڳي ويون، 2 پورھيت فوت ٿي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، ساڏورو ريلوي اسٽيسن ڀرسان ڪي فور منصوبي ۾ ھلندڙ پاڻي جي منصوبي واري ڪم دوران 3 مزدورن سعيد خان، يعقوب پٺاڻ ۽ عمران جاکرو مٿان مٽي جي ڀت ڊھي ڪِري پئي، جنھن ڪري ٽئي پورهيت دٻجي ويا، جن کي وڏين ڪوششن بعد زخمي حالت ۾ ڪڍي سول اسپتال مڪلي پهچايو، جتي ٻن پورھيتن بدين واسي سعيد خان ۽ پشاور واسي يعقوب پٺاڻ دم ڏئي ڇڏيو، جڏھن ته هڪ زخمي عمران جاکرو جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي، فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، پوليس واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو، ڪو به ڪيس وغيره داخل نه ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.