ميرپورماٿيلو (رپورٽ:نصرالله گڏاڻي) گھوٽڪي ضلعي جي سرحد ٿاڻي تي وڪيل سيد قمبر شاھ جي فرياد تي اڳوڻي ايم پي اي ۽ تازو پ پ ۾ شامل ٿيل علي گوھر مھر، اڳوڻي صوبائي وزير علينواز عرف راجا مھر، ضلع ڪائونسل گھوٽڪي جي اڳوڻي چيئرمين حاجي مھر پٽ علي گوھر مھر انور مھر پٽ راجا مھر ۽ ڪمال دين مھر سميت پندرھن جوابدارن مٿان دھشگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. فريادي قمبر شاھه ڄاڻايو آهي تھ گھوٽڪي شھر ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جوابدارن سرحد باءِ پاس تي فائرنگ ڪري ڪار مٿان مزدا چاڙھي کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. فريادي موجب جوابدارن منهنجي پٽ قاسم علي شاھه کي پڻ اغوا ڪيو آھي. جڏھن تھ مھر ڀائرن سان گڏ گامڻ گبول، ابوبڪر گبول، گلشير گبول، لال دين گبول، علي انور گبول، فلڪشير گبول، امام بخش گبول، اختر گبول، ذوالفقار گبول ۽ ٻيا شامل آھن. ڄاڻايل ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم بھ لڳايا ويا آھن. ياد رھي تھ ڪجهھ مھينا اڳ وڪيل قمبر شاھه جي دخواست تي ميرپورماٿيلي جي عدالت ڄاڻايل جوابدرن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو. جنهن کي جوابدار مھر ڀائر ۽ ٻين سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ چيئلنج ڪيو ھو. 10 ڏينهن اڳ عدالت جوابدار مھر ڀائرن جي اپيل کي رد ڪندي ايڊيشنل سيشن جج جي آرڊر کي بحال ڪيو. جڏھن تھ پوليس جوابدارن جي وينگار وھندي مسلسل ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائيندي رھي. جنهن کانپوءِ پوليس قمبر شاھه جي فرياد تي مھر ڀائرن سميت ڄاڻايل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري ڪري ڇڏيو آهي.