نسيم شاهه جي مداحن لاءِ بُري خبر

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) فاسٽ بالر نسيم شاهه ورلڊ ڪپ کانپوءِ آسٽريليا جي دوري لاءِ به دستياب نه هوندو.

ذريعن موجب، فاسٽ بالر نسيم شاهه ڪلهي جي انجري کانپوءِ تيزيءَ سان صحتياب ٿي رهيو آهي پر اڃا تائين هن بالنگ شروع ناهي ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته طبي عملي نسيم شاهه کي ڇهن هفتن تائين ڪرڪيٽ جي ميدان کان پري رهڻ جو مشورو ڏنو هو، جنهن بعد هن ٿوري گهڻي مشق شروع ڪئي پر کيس بالنگ شروع ڪرڻ ۾ اڃا وڌيڪ وقت لڳندو.

نيوزيلينڊ خلاف سيريز تائين سندس سئو سيڪڙو فٽ ٿيڻ جو امڪان آهي.

ياد رهي ته نسيم شاهه ايشيا ڪپ دوران انجري جو شڪار ٿي ويو هو، عالمي ڪپ ۾ سندس غيرموجودگي کي پاڪستان لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.