سياري جي موسم ۾ وارن جو خيال ڪيئن رکجي؟

سياري جي موسم گھڻن ماڻهن کي پسند هوندي آهي، ميوا ۽ گرم شربت ان جو مزو ٻيڻو ڪري ڇڏيندا آهن.
ان موسم ۾ گھڻا ماڻهو کنگهه، زڪام ۽ ڳلو خراب ٿيڻ کان بچڻ لاءِ سڄو ڏينهن پنهنجي حفاظت ڪندا آهن، ته جيئن صحت کي متاثر ٿيڻ کان بچائي سگھجي.
جتي سياري جي موسم ۾ صحت متاثر ٿيندي آهي اتي ئي اسان جي کَلَ ۽ وارن تي به ان موسم جا گھڻا اثر پوندا آهن.
طبي ماهرن موجب سياري جي موسم ۾ خشڪي اسان جي وارن کي سڌي ريت متاثر ڪندي آهي، ۽ وارن ۾ موجود گھم کي ختم ٿي ويندي آهي.
وارن ۽ کل جي سار سنڀال کانسواءِ ڪجهه فائديمند غذائن جو استعمال انهن کي متاثر ٿيڻ کان بچائي سگھجي ٿو، هي تدبيرون سياري جي موسم ۾ اسان جي وارن جي صحت کي متاثر ٿيڻ کان بچائي سگھن ٿيون.
پاڻي جو مناسب مقدار
سياري جي موسم ۾ گھڻو ڪري اُڃ نه لڳڻ سبب پاڻي پيئڻ کي اهميت ناهي ڏني ويندي. جيتوڻيڪ انساني جسم 70 سيڪڙو پاڻي تي ٻڌل آهي، تنهنڪري گھٽ ۾ گھٽ ڏينهن ۾ اٺ گلاس پاڻي پيئڻ لازمي آهي.
سياري جي موسم ۾ پاڻي جي توازن کي برقرار رکڻ نه رڳو جسم کي هائڊريٽ رکندو آهي پر اهو جيوگھرڙن ۽ ٽشوز ۾ آڪسيجن جي وهڪري کي به هٿي ڏيندو جنهن سان وارن جي واڌ ويجهه به بهتر ٿيندي آهي.
موسمي ميون ۽ ڀاڄين جو استعمال
موسمي ميوا ۽ ڀاڄيون ضروري غذائي جُزن سان ڀرپور هجن ٿيون، جيڪي قوت مدافعت کي وڌائيندي جسم کي غذائيت فراهم ڪن ٿيون.
انهن ۾ موجود اينٽي آڪسائيڊنٽس، وٽامنز ۽ معدنيات وارن جي گڏيل صحت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.
ترِيل غذائن جو استعمال
صحتمند غذائن جي استعمال کي يقيني بنائيندي تريل ۽ وڌيڪ ڪيلوريز وارين غذائن جو استعمال محدود ڪري ڇڏيو.
گھڻا ماڻهو سياري جي موسم ۾ تريل، سڻڀ ۽ کنڊ سان ڀرپور غذائن جو استعمال ڪندا آهن.
اهڙين غذائن جو مناسب استعمال ڪري سگھجي ٿو.
ڪنهن به شيءِ جو گھڻو استعمال جسم ۾ آڪسيڊيٽو دٻاءَ (اسٽريس) کي وڌائي سگھي ٿو جنهن کان کل ۽ وارن جي جيوگھرڙن ۾ رت ۽ آڪسيجن جي گردش ۾ رنڊ پيدا ٿيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.