بي جي پي اميدوار کي مسلمان عورت جي سڃاڻپ لاءِ نقاب لاهڻ مهانگو پئجي ويو

ڀارتي حڪمران جماعت بي جي پي جي اميدوار ماڌوري لٿا کي مسلم عورتن جي سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ نقاب هٽائڻ وارو مطالبو مهانگو پئجي ويو.
ڊسٽرڪٽ اليڪشن آفيسر رونالڊ راس ڀارتي ميڊيا ”اين ڊي ٽي وي“ سان ڳالهائندي چيو آهي ته پوليس ماڌوري لٿا خلاف ايف آءِ آر داخل ڪندي ڇو ته ڪنهن به اميدوار کي اهو حق ناهي ته هو سڃاڻپ جي جانچ پڙتال لاءِ ڪنهن پردي دار عورت جو نقاب هٽائي.
هن وڌيڪ چيو ته اميدوار کي جيڪڏهن ڪو شڪ آهي ته پولنگ آفيسر کان ووٽر جي سڃاڻپ لاءِ چئي سگهي ٿو پر پاڻ ڪنهن کي به حڪم نٿو ڏئي سگهي.
ڀارتي خابرو اداري جي رپورٽ موجب حيدرآباد مان بي جي پي اميدوار ڪومپيلا ماڌوري لٿا کي هڪ وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس ڪيس کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، وائرل وڊيو ۾ عورت اميدوار کي چونڊن واري ڏهاڙي پولنگ بوٿ تي برقو پاتل مسلمان عورتن کي سڃاڻپ لاءِ پنهنجا نقاب هٽائڻ لاءِ چيو ويو هو.
ماڌوري لٿا هڪ مضبوط اميدوار آهي ۽ هو حيدرآباد مان چار ڀيرا ايم پي ۽ اي آءِ ايم آءِ جي سربراهه اسد الدين اويسي خلاف چونڊ وڙهي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.