ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مونس علوي متبادل توانائي لاءِ اهم قدمن جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن تي عمل درآمد نيپرا جي منظوري کانپوءِ ڪيو ويندو.
ڪراچي ۾ فيوچر سمٽ سان خطاب ڪندي مونس علوي چيو ته ايندڙ ٻن کان ٽن سالن ۾ 500 ميگا واٽ متبادل توانائي لڳائڻ جو پلان آهي.
هن چيو ته ماحولياتي تبديلي ۾ پاڪستان جو ڪردار گهٽ آهي، گهٽ ڪردار باوجود پاڪستان سخت متاثر ٿيو، متبادل توانائي لاءِ ريگيوليٽري اٿارٽي جي منظوري جا منتظر آهيون.
سندس چوڻ هو ته بجلي ۾ مڪمل طور تي متبادل تي نٿو ڀاڙي سگهجي، بيس لوڊ لاءِ ٿرمل ذريعن سان بجلي به گهربل آهي، ڪراچي کي جلد هائيڊرو بجلي به دستياب هوندي.
Prev Post
You might also like