سياري ۾ لاهوري گجر کائڻ جا صحت لاءِ ڪهڙا فائدا آهن؟

سياري ۾ لاهور گجر کائڻ جا صحت لاءِ ڪهڙا فائدا آهن؟
لاهور گجر (جنهن کي شڪرقندي يا اڇي گجر به چيو ويندو آهي) دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ عام دستياب هوندي آهي ۽ پاڪستان ۾ به ان کي ماڻهو شوق سان کائيندا آهن.
اها فائبر، پوٽاشيم، وٽامنز ۽ ٻيا اهم غزائي جز حاصل ڪرڻ جو سٺو ذريعو آهي.
ان کي دنيا جي مختلف حصن ۾ مٺي پٽاٽي جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي ۽ اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته ان کي کائڻ ماڻهو جي صحت لاءِ به فائديمند ٿي سگھي ٿو.
ان جا ڪجهه فائدا هيٺ بيان ڪجن ٿا
جيري جي عام مرض کان تحفظ ڪرڻ 5 طريقا

انسولين جي حساسيت بهتر ڪري ٿي

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته لاهور گجر سان شگر ٽائيپ 2 جي مريضن ۾ انسولين جي حساسيت بهتر ٿيندي آهي.
ان ۾ موجود فائبر به ان حوالي سان مک ڪردار ادا ڪري ٿو، تحقيقي رپورٽن موجب فائبر جو گھڻو استعمال ڪندڙ ماڻهن ۾ شگر ٽائيپ 2 مان متاثر ٿيڻ جو خطرو گھٽ هوندو آهي.
124 گرام لاهور گجر مان اڍائي گرم فائبر حاصل ڪرڻ ممڪن آهي.

بلڊ شگر کي صحت لاءِ فائديمند رکڻ ۾ به فائديمند

آمريڪن هارٽ ايسوسيئيشن طرفان ماڻهن کي مشورو ڏنو ويو آهي ته هو گھڻي لوڻ وارين غذائن جي استعمال کان پاسو ڪريو ۽ پوٽاشيم سان ڀرپور غذا کي ترجيح ڏيو.
124 گرام لاهور گجر ۾ 256 ملي گرام پوٽاشيم موجود هوندو آهي جيڪو سڄي ڏينهن لاءِ گھربل مقدار جي 5 سيڪڙو جي برابر آهي.
پوٽاشيم ل جي شريانين کي صحتمند رکڻ لاءِ اهم جُز آهي جنهن سان بلڊ پريشر جي سطح مستحڪم رکڻ ۾ مدد ملندي آهي.

ڪينسر جو خطرو گھٽائي

لاهوري گجر بيٽا ڪيروٽين حاصل ڪرڻ جو به بهترين ذريعو آهي، اهو نباتابي مرڪب جسم ۾ طاقتور اينٽي آڪسائيڊنٽ جي طور تي استعمال ڪندو آهي.
بيٽا ڪيروٽين ۾ هڪ پرو وٽامن به هوندو آهي جيڪو جسم ۾ وڃي وٽامن اي ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.
بيٽا ڪيروٽين سان جيوگهرڙن کي پهچندڙ نقصان جي روڪٿام ۾ مدد ملندي آهي ۽ جيڪڏهن ان جي روڪٿام نه ڪئي وڃي ته مختلف قسمن جي ڪينسر جو خطرو وڌندو آهي.
اينٽي آڪسائيڊنٽس سان مختلف قسمن جي ڪينسر جو خطرو گھٽ هوندو آهي.

هاضمي جي نظام کي بهتر ۽ قبض جي روڪٿام ڪري

لاهوري گجر ۾ موجود فائبر سان قبض جي روڪٿام ٿيندي آهي ۽ هاضمي جا فعل صحتمند ٿيندا آهن.
مختلف تحقيقي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته غذائي فائبر جو استعمال آنڊن جي ڪينسر جو خطرو به گھٽائيندو آهي.

نظر جو تحفظ

مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته لاهور گجر ۾ موجود بيٽا ڪيروٽين جسم ۾ وڃي وٽامن اي ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، اها وٽامن اکين جي نور جي صحت لاءِ گھڻي اهم هجي ٿي.
هڪ لاهور گجر مان گھڻي مقدار ۾ وٽامن اي جسم کي ملندي آهي، اها وٽامن اينٽي آڪسائيڊنٽ جي طور تي به ڪم ڪندي آهي ۽ جسم کي مختلف مرضن کان بچائيندي آهي.

مدافعتي نظام مضبوط ڪري

124 گرام لاهور گجر ۾ 12.8 ملي گرام وٽامن سي هوندي آهي.
اها وٽامن مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ جسم ۾ آئرن جذب ٿيڻ جي عمل کي بهتر ڪندي آهي.
وٽامن سي جي کوٽ سان رت جي کوٽ جو خطرو به وڌندو آهي جڏهن ته عام موسمي بيماري کي به منهن ڏنو ويندو آهي.

سوڄ جي روڪٿام

لاهوري گجر ۾ هڪ غذائي جُز ڪولين هوندو آهي جيڪو پٺن جي حرڪت ۽ يادداشت کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو آهي جڏهن ته اعصابي نظام جي مدد به ڪندو آهي.
هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته ڪولين جو گھڻي مقدار ۾ استعمال دم جي مريضن ۾ سوڄ جي روڪٿام ۾ مددگار ثابت ٿيندوآهي.

غذائي جُزن جو مقدار

124 گرام لاهور گجر ۾ 98.7 گرام پاڻي موجود هوندو آهي جڏهن ته 108 ڪيلوريز، 2 گرام پروٽين، 3 گرام سڻڀ، 18.7 گرام ڪاربوهائڊريٽس، 2.48 گرام فائبر، 0.7 ملي گرام آئرن، 5.8 ملي گرام ڪيلشيم، 19.8 ملي گرام ميگنيشيم، 50.8 گرام فاسفورس، 259 ملي گرام پوٽاشيم، 306 ملي گرام سوڊيم، 0.9 ملي گرام Selenium سميت وٽامن سي، فوليٽ، ڪولين، وٽامن اي، بيٽا ڪيروٽين، وٽامن k & ڪولسٽرول جهڙا جُز موجود هوندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.