يونس، حفيظ ۽ وهاب کي پي سي بي ۾ اهم ذميواري ملڻ جو امڪان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي خراب ڪارڪردگي کانپوءِ سليڪشن ڪميٽي ۾ ڦيرڦار جو سلسلو جاري آهي.

گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽيءَ جي سربراهه ذڪاءَ اشرف سان اڳوڻي ڪپتان يونس خان، محمد حفيظ، سهيل تنوير ۽ راندين واري نگران صوبائي وزير وهاب رياض سان ملاقاتون ڪيون آهن.

چيف سليڪٽر انضمام الحق جي استعيفيٰ کانپوءِ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر توصيف احمد آسٽريليا جي دوري لاءِ ٽيم چونڊڻ جي ذميواري سنڀالي هئي پر بورڊ عبوري ڪميٽي کي به ٽوڙي ڇڏيو آهي.

بورڊ سربراهه يونس خان، وهاب رياض ۽ محمد حفيظ مان ڪنهن هڪ کي نئون چيف سليڪٽر بڻائڻ تي غور ڪري رهيو آهي، جڏهن ته فاسٽ بالر وهاب رياض سليڪشن جي پوزيشن لاءِ مضبوط دعويدار آهي.

نئين سليڪشن ڪميٽي ويهه کان چويهه نومبر تائين ٽيسٽ اسڪواڊ جي جوڙ جڪ تي غور ويچار ڪندي.

بورڊ چاهي ٿو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته مقرر ڪيل چيف سليڪٽر کي جديد دور جي ڪرڪيٽ جي متحرڪ منظرنامي جي ڄاڻ هجي ۽ ان ئي حساب سان ٽيم چونڊي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.