ڀارت-نيوزيلينڊ سيمي فائنل جي پِچ ئي تبديل ، آءِ سي سي جو بيان سامهون اچي ويو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) جو بي سي سي آءِ طرفان ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ورلڊڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ پِچ تبديلي تي بيان سامهون آيو آهي.

برطانوي ميڊيا بي سي سي آءِ تي نيوزيلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ اڄ ٿيندڙ سيمي فائنل جي پِچ تبديل ڪرڻ جو الزام مڙهيو هو.

برطانوي ميڊيا موجب، بي سي سي آءِ، آءِ سي سي جي اجازت کانسواءِ سيمي فائنل ميچ جي پِچ تبديل ڪئي، ڀارتي بورڊ ورلڊ ڪپ دوران ٻه ڀيرا استعمال ٿيل پِچ هڪ ڀيرو وري استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

برطانوي ميڊيا رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀارت اسپنرن لاءِ سازگار پِچ جي چونڊ ڪئي ته جيئن سندن اسپنرن کي مدد ملي سگهي، ممبئي جي وانکيڙي اسٽيڊيم ۾ سيمي فائنل لاءِ پِچ نمبر ست استعمال ٿيڻي هئي جيڪا پهريان استعمال نه ٿي هئي.

پِچ تبديل ڪرڻ تي آءِ سي سي جو بيان

آءِ سي سي سيمي فائنل ۾ پِچ تبديل ڪرڻ بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ورلڊ ڪپ ڊگهو ايونٽ آهي ۽ پِچ تبديلي معمول جي ڳالهه آهي، ايونٽ ۾ پِچ جي تبديلي پهريان به ڪيئي ڀيرا ٿي چڪي آهي.

آءِ سي سي پنهنجي بيان ۾ چيو ته سيمي فائنل کان اڳ پِچ جي تبديلي ميدان ڪيوريٽر، ميزبان ملڪ جي سفارش تي ڪئي وئي هئي، پِچ جي تبديلي بابت آءِ سي سي جي پِچ ڪنسلٽنٽ کي ڄاڻ هئي.

ان کان اڳ جڏهن ته بي سي سي آءِ اختيارين کان پڇيو ويو ته سندن چوڻ هو ته اِها تبديلي گجرات ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي تجويزن تي ڪئي وئي جڏهن ته گجرات ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ائين هنن بي سي سي آءِ مئنيجمينٽ طرفان سڌي ريت مليل هدايتن تحت ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.