ريڊمي جو بهترين ڪيمرائن وارو سستو فون متعارف

سمارٽ موبائيل فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ”شيائومي“ پنهنجي برانڊ ”ريڊمي“ جو هلندڙ سال جو سڀ کان سستو فون پيش ڪري ڇڏيو، جنهن کي مهانگائي جي هن دور ۾ بهترين فيچرز وارو فون قرار ڏنو پيو وڃي.

ڪمپني ”ريڊمي 13 سي“ کي 6.74 انچن جي وڏي اسڪرين جڏهن ته 6،4 ۽ 8 جي بي ريم سان گڏ پيش ڪيو آهي.

فون کي 128 ۽ 256 جي بي ميموري جي ماڊلز سان گڏ مختلف رنگن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.

ريڊمي 13 سي کي ٽن بيڪ ڪيمرائن جڏهن ته هڪ اپگريڊ سيلفي ڪيمرا سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي، فون جي فرنٽ تي 13 ميگا پڪسل جي سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.

فون جي بيڪن وارين ٽن ڪيمرائن مان مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جڏهن ته ٻيون ڪيمرائون ترتيبوار 2،2 ميگا پڪسل جون آهن.

فون کي اينڊرائڊ 13 آپريٽنگ سسٽم ۽ ميڊيا ٽيڪ هيليو جي چپ اوڪٽاڪور جي سي پي يو ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.

فون ۾ 5 هزار ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري جڏهن ته 18 واٽ فاسٽ چارجر ڏنو ويو آهي جڏهن ته فنگر پرنٽ سينسر سوڌو ٻيا فيچرز به فون جو حصو آهن.

ٽن ڪيمرائن ۽ طاقتور بيٽري سان گڏ متعارف ڪرايل ”ريڊمي 13 سي“ کي شروعاتي طور تي ڪجهه ملڪن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، پر جلد ان کي پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ به پيش ڪيو ويندو.

ريڊمي 13 سي جي 8 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري واري ماڊل جي قيمت پاڪستان 38 هزار رپيا رکي وئي آهي جڏهن ته خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ان کي پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪرڻ وقت ان جي قيمت وڌيڪ گھٽائي ويندي.

فون کي سستو ۽ معياري قرار ڏنو پيو وڃي جڏهن ته ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون جي ڪيمرا ٽيڪنالوجي کي به اپگريد ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.