پيٽروليم شين جي اگهن بابت اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اوگرا پيٽروليم شين جي اگهن بابت سمري اڄ پيٽروليم ڊويزن کي موڪليندي، وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ نون اگهن جو اعلان ڪيو ويندو.
ذريعن موجب گذريل ٻن هفتن ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت 3 سيڪڙو گهٽ ٿي، ڪچي تيل جي قيمت 85.19 ڊالرن مان گهٽجي 82.63 ڊالر ٿي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه گهٽجڻ سان پاڪستاني عوام کي به رليف ملڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ 8 کان 10 رپيا في ليٽر تائين لاٿ ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.