بابر اعظم ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني ڇڏي ڏني

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق ورلڊ ڪپ دوران ئي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي جڏهن ته ڪوچ مورني مورڪل به ڪجهه ڏينهن اڳ عهدي تان اسعيفيٰ ڏئي چڪو آهي ۽ هاڻ  ڪپتان بابر اعظم به ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني تان هٿ کڻي ويو ورتو آهي، بابر اعظم پي سي بي طرفان صرف ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني جي آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

بابر اعظم سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي بيان جاري ڪندي ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪيو .

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Babar Azam (@babarazam)

بابر اعظم چيو ته ٽنهي فارميٽ ۾ رانديگر طور کيڏڻ چاهيان ٿو، منهنجي قيادت ۾ پاڪستاني ٽيم نمبر ون بڻي جنهن ۾ سمورن رانديگرن جي محنت پڻ شامل هئي، ڪپتاني ڇڏڻ ڏکيو فيصلو هيو پر ڪپتاني ڇڏڻ جو هي صحيح وقت آهي.

ان کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽيءَ جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف جي مئنيجمينٽ ۽ ڪپتان بابر اعظم سان لاهور ۾ ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران پي سي بي چيئرمين ڪوچز جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر کان ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتاني واپس ورتي وئي جڏهن ته کيس رڳو ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان برقرار رکڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي، ان کانسواءِ وائٽ بال ڪرڪيٽ ۾ ڪپتان ڪير هوندو ان جي فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو.

ذريعن موجب مڪي آرٿر ٻين ڪوچز کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته نئون ڪوچنگ اسٽاف آندو ويندو، جڏهن سندن لاءِ ٻين شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو آپشن موجود هوندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.