نانا پاٽيڪر مداح کي چماٽ وهائي ڪڍي، وڊيو وائرل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سينيئر ڀارتي اداڪار نانا پاٽيڪر سيلفي ڪڍڻ تي مداح کي چماٽ وهائي ڪڍي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
ميڊيا رپورٽس موجب فلم ”دي ويڪسين وار“ کان پوءِ نانا پاٽيڪر پنهنجي ايندڙ فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي ۽ انهيءَ شوٽنگ دوران هڪ حيران ڪندڙ واقعو پيش آيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
نانا پاٽيڪر جي فلم جي شوٽنگ هڪ مصروف رود تي ٿي رهي هئي جتي عوام به موجود هو، انهيءَ دوران هڪ مداح وڏي خوشي سان موبائيل هٿ ۾ کڻي نانا پاٽيڪر جي ويجهو آيو ۽ هن سان گڏ سيلفي ڪڍڻ لڳو.
وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته جيئن ئي مداح ناناپاٽيڪر جي سان گڏ سيلفي ڪڍڻ لڳو ته هن اداڪار پنهنجي مداح کي چماٽ وهائي ڪڍي.

وائرل وڊيو تي تبصرا ڪندي سوشل ميڊيا واهپيدارن ناناپاٽيڪر کي سخت نتقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن، هڪ واهيپدارن لکيو ته ناناپاٽيڪر جو هو رويو قبول ڪرڻ جوڳو ناهي، کيس پنهنجي مداح جي عمر جو لحاظ ڪرڻ گھرجي ها.
ٻئي واهپيدار نوجوان مداح لاءِ ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته آئون ناناپاٽيڪر جو پرستار هيس پر هاڻي نه آهيان، اهڙو رويو قبول ڪرڻ جوڳو ناهي.
واهپيدارن اهو به چيو ته هدايتڪار ۽ پروڊيوسر وٽ ايتري سيڪيورٽي هجڻ گھرجي جو اهي سيت تي ايندڙ ڪنهن به مداح کي پاڻ ئي روڪي سگھن پر جيڪڏهن ڪو مداح اچي وڃي ٿو ته ان سان اهڙو رويو رکڻ غلط آهي، ناناپاٽيڪر جو رويو تمام برو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.