ڪراچي ۾ روڊ حادثن جي شرح ۾ واڌ، هلندڙ سال 662 خاندان اجڙي ويا

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) ڪراچي ۾ روڊ حادثن جي واقعن جي شرح ۾ ٿي وئي ۽ هلندڙ سال مختلف روڊ حادثن ۾ 662 خاندان اجڙي ويا.
انگن اکرن موجب هلندڙ سال جنوري کان 14 نومبر تائين روڊ حادثن ۾ 662 ڄڻا فوت ۽ 10515 ڄڻا زخمي ٿيا.
هلندڙ سال جنوري ۾ پيش آيل واقعن ۾ 70 ڄڻا فوت، جڏھن ته 976 ڄڻا زخمي ٿيا، فيبروري ۾ 60 ڄڻا فوت ۽ 1031 فرد زخمي ٿيا، مارچ ۾ 75 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 967 ڄڻا زخمي ٿيا.
اهڙي ريت اپريل ۾ 83 ڄڻا فوت، 1038 ڄڻا زخمي ٿيا، مئي ۾ 64 ڄڻا فوت ۽ 1003 زخمي ٿيا، جون ۾ 36 ڄڻا فوت ٿيا ۽ 1015 زخمي ٿيا، جولاءِ ۾ 60 ڄڻا فوت ۽ 994 ڄڻا زخمي ٿيا.
انگن اکرن موجب آگسٽ ۾ 69 ڄڻا حادثن ۾ حياتيون وڃائي ويٺا ۽ 1056 فرد زخمي ٿيا، سيپٽمبر ۾ 60 ڄڻا فوت ۽ 1118 ماڻهو زخمي ٿيا، آڪٽوبر ۾ 62 ڄڻا فوت ۽ 920 زخمي ٿيا ۽ 15 نومبر صبح سوير تائين 22 ماڻهو روڊ حادثن ۾ اجل جو شڪار ٿيا ۽ 400 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا.
روڊ حادثن ۾ فوت ٿي ويل ۽ زخمين ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ شامل آهي.
ذريعن موجب ٽريفڪ اهلڪار ٽريفڪ نظام بهتر ڪرڻ بدران چالان ڪٽڻ تي گهڻو ڌيان ڏئي روينيو ٺاهڻ ۾ مصروف آهن، ڏينهن جي وقت به هيوي ٽريفڪ روڊ تي هجي ٿي پر اختيارين کي شهرين جي جان جي ڪا پرواهه ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.