عورت محرم بنا حج تي ڪيئن وڃي؟ اسلامي نظرياتي ڪائونسل شرط ٻڌائي ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل عورتن کي محرم بنا حج تي وڃڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل چيو آهي ته عورت جي بنا محرم جي حج تي وڃڻ جي گنجائش ڪجهه شرطن سان مشروط آهي.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل حج واري وزارت جي پڇاڻي تي لکت جواب ۾ چيو آهي ته جنهن عورت کي سفر ۽ حج فساد يا خطري جو انديشو نه هجي ته محرم بنا حج لاءِ وڃي سگهي ٿي.
ڪائونسل راءِ ڏني آهي ته فقه جعفريه، مالڪي ۽ شافعي موجب عورت بنا محرم بنا حج ڪري سگهي ٿي، فقه جعفريه، مالڪي ۽ شافعي موجب جنهن عورت کي اعتماد جوڳي عورتن جي رفاقت حاصل هجي ته حج تي وڃي سگهي ٿي پر عورت جا والدين موجود هجڻ يا شادي شده هجڻ جي صورت ۾ ان جي اجازت لازمي آهي.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل چيو ته فقه حنفيه ۽ فقه حنبلي تحت محرم نه هجڻ تي عورت تي حج فرض ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.