ڀارتي اداڪارا تبو پاڪستاني اداڪار جي ڌيءَ نڪتي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ پنهنجي جاندار اداڪاري سبب شهرت رکندڙ بالي ووڊ اداڪارا ”تبو“ پاڪستاني اداڪار جي ڌيءَ نڪتي.
ميڊيا رپورٽس موجب تبو جو پيءُ جمال هاشمي ماضي ۾ مشهور پاڪستان اداڪار هو، اها 1970ع جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي جڏهن پاڪستاني فلم انڊسٽري جي مشهور پروڊيوسر ۽ هدايتڪار علي آفان صديقي کي پنهنجي فلم لاءِ هڪ چهري جي ڳولا هئي جيڪو پهريان ڪنهن به فلم ۾ نظر نه آيو هجي، انهيءَ دوران کيس جمال هاشمي جي خبر پئي ۽ هن پنهنجي فلم لاءِ جمال هاسمي جي چونڊ ڪئي.
علي آفان صديقي جي پروڊيوس ڪيل فلم سزا رليز ٿيڻ کان پوءِ سٺي مقبوليت حاصل ڪئي جنهن کان پوءِ جمال هاشمي جو نالو فلمي دنيا ۾ جميل هاشمي رکيو ويو.
جمال هاسمي ڀارتي شهر حيدرآباد جي مسلمان گھراڻي ۾ رضوانا نالي عورت سان شادي ڪئي، رضوانا ڀارتي اداڪارا شبانه اعظمي جي مائٽياڻي هئي، رضوانا ٽيچر هئي،شادي کان پوءِ هوءَ پنهنجي مڙس جمال هاشمي سان گڏ پاڪستان منتقل ٿي وئي ۽ پنجاب جي شهر لاهور ۾ رهڻ لڳي.
جمال هاشمي جي شادي شدهه زندگي مسئلن جو شڪار هي، سندس شادي شدهه زندگي ۾ جهيڙا ايترا وڌي ويا هئا جو ڳالهه طلاق تائين اچي وئي، ان وقت تائين ڄمال هاشمي پاڪستاني فلم انڊسٽري ڇڏي چڪو هو ۽ ڀارت لڏي ويو هو.
ان جوڙي کي ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو جن ۾ بالي ووڊ اداڪارا تبو ۽ سندس ڀيڻ فرح ناز شامل آهن، تبو جو اصلو نالو تبسم فاطما آهي هوءَ 4 نومبر 1971ع ۾ ڄائي.
تبو جڏهن ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ پير رکيو ته سندس پيءُ جمال هاشمي هن جي گھڻو خلاف هو، هو پيو چاهي ته سندس ڌيءَ فلمن ۾ ڪم ڪري تنهنڪري هو پنهنجي ڌيءَ کي ڇڏي گمنامي جي زندگي گھارڻ لڳو.
ان کان پوءِ تبو جي ڀيڻ فرح ناز پنهنجي پيءُ کي ڳوليو ۽ هن کي پاڻ سان گڏ وٺي اچڻ پئي چاهيو پر سندس پيءُ چيو ته هو پنهنجي گھر جي عورتن جي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي سخت خلاف آهي تنهنڪري هن ڌيءَ سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته بالي ووڊ اداڪارا تبو ڀارتي فلم نگري ۾ پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات 1994ع ۾ رليز ٿيل فلم ”پهلا پهلا پيار“ سان ڪئي جنهن کان پوءِ هن جاندار اداڪاري جي ڪري فلم نگري ۾ پنهنجو مقام ٺاهيو جڏهن ته اداڪارا پنهنجي فلم ڪيريئر ۾ مختلف ڪردار پڻ ادا ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.