نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) نوشهري فيروز ۾ چونڊ مهم دوران ووٽرن پ پ اڳواڻ کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون.
پ پ صدر ڪاظم شاهه ڪارنر ميٽنگ ۾ چوهاڻ ڪالوني پهتو، جتي ووٽر مٿس ڏمرجي پيا ۽ کيس چيو ته چونڊن مهم ڊوڙندا ايندا آهيو، پوءِ ڇو نظر ناهيو ايندا؟
ووٽرن سوال ڪيو ته چونڊجڻ کانپوءِ 5 سالن تائين توهان کي اسان جو علائقو ياد ڇو ناهي ايندو؟ عهدا ۽ نوڪريون ته پنهنجن ۾ ورهايون ويون، اسان کي ته روڊ به ٺهي نه مليا.
You might also like