مٽياري (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته اسان ڪنهن به افغاني سان زيادتي نه پيا ڪيون ۽ کين عزت سان واپس موڪلي رهيا آهيون.
آءِ جي سنڌ مٽياري ۾ تعمير هيٺ پوليس لائن جي عمارت جو افتتاح ڪيو، هن چيو ته مٽياري ضلعي ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر، ڊي سي هائوس ۽ ٻين سرڪاري هائوسز جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته امن امان اسان جي پهرين ترجيح آهي، ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ناهن، اسان ڪنهن به افغاني سان زيادتي نه پيا ڪيون، کين عزت سان واپس موڪلي رهيا آهيون، ويزا تي آيل اسان جا مهمان آهن، بنا ڪاغذن وارا واپس وڃي رهيا آهن.
آءِ جي سنڌ چيو صحافي جان محمد مهر جا قاتل هڪ هفتي ۾ گرفتار نه ٿيا ته پوليس ٽيم تبديل ڪنداسين، جڏهن ته مٽياري جي ڪچي ۾ زميني تڪرار ۽ رتوڇاڻ جي انڪوائري ٿيندي.
ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ناهن، افغانين کي عزت سان موٽائي رهيا آهيون: آءِ جي سنڌ
You might also like