ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز بلوچستان جي پارٽي تنظيم ۾ عورتن کي اهم عهدو ڏيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
بلوچستان جي دوري ۾ ن ليگ نائب صدر مريم نواز ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي، کيس بلوچ سياسي قيادت طرفان خاص عزت ۽ احترام مليو.
مريم نواز جي صدارت هيٺ ن ليگ بلوچستان جي عورتن جي ونگ جي خاص ملاقات ٿي، جنهن ۾ هن بلوچ عورتن کي سوشل ميڊيا تي فعال ٿيڻ جي هدايت ڪئي ۽ پارٽي لاءِ خدمتون انجام ڏيڻ ۽ گذريل 5 سالن دوران متحرڪ رهندڙ بلوچ عورت اڳواڻن جي فهرست طلب ڪري ورتي.
مريم نواز چيو ته ايندڙ قومي اسيمبلي ۾ عورتن جي خاص سيٽن لاءِ بلوچستان مان به نامزدگيون يقيني بڻايون وينديون، ن ليگ عورتن کي خاص اهميت ڏئي ٿي، پارٽي ۾ عورتن کي مک عهدا ڏنا ويا آهن، بلوچستان جي ترقي بنا پاڪستان جي ترقي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي.
You might also like