ملڪ مان غير قانوني افغانين جي نيڪالي جو عمل جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ مان غير قانوني پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.
انگن اکرن موجب هيل تائين ٻه لک 11 هزار 969 افغاني طورخم رستي پنهنجي وطن واپس وڃي چڪا آهن.
انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته افغانستان ويندڙن ۾ 59 هزار 703 مرد، 46 هزار 687 عورتون ۽ هڪ لک 55 هزار 79 ٻار شامل آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن وڌيڪ 638 مرد، 587 عورتون ۽ هڪ هزار 95 ٻارن تي ٻڌل 535 خاندان طورخم رستي افغانستا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.