راولپنڊي ( م ڊ ) پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عليما خان سائفر ڪيس ۾ عمران خان بدران جنرل باجوه خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته عدالت وڃڻ جي اجازت ملڻ جو مطلب اهو ناهي ته هي اوپن ٽرائل نه آهي، جيڪڏهن اوپن ٽرائل ٿيو ته سڄو پاڪستان ڏسندو ته سائفر ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. پاڪستان جي عوام خلاف سازش ٿي آهي هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عوام کي ان بابت ٻڌايو، نتيجو اهو نڪتو ته هو جيل ڀيڙو آهي، جن سازش ڪئي اهي ٻاهر آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين، جنرل باجوه آمريڪي سفارتخاني ۽ ڊونلڊ لو جو نالو ورتو، انهن جو ٽرائل ٿيڻ گهرجي، اڳوڻي وزيراعظم کي جيل مان آزاد ناهي ڪرڻو اهو ئي سبب آهي جو ٽرائل هلي رهيو آهي، عليمه خان چيو ته عمران خان چئي چڪو آهي ته چونڊن تائين مون کي جيل مان نه ڪڍندا. عليمه خان چيو ته اڄ تائين سمجهه ۾ نٿو اچي ته ٽرائل ڪيئن هلائيندا، جيڪو ٿي رهيو آهي اهو مذاق آهي، اسان ڀينرون اليڪشن ۾ حصو نه وٺنداسين، پنهنجي ڀاءُ لاءِ بيٺا آهيون، سڀني 9 مئي جي مذمت ڪئي آهي، اهي ڏوهاري هئا. جنهن اهو عمل ڪيو.