سپريم ڪورٽ جو لکت ۾ فيصلو، جنرل(ر) فيض حميد خلاف ڪارروائي لاءِ ماحول تيار

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينيئر صحافي رئوف ڪلاسرا  پنهنجي وي لاگ ۾چيو آهي ته جنرل(ر)فيض حميد جو گهيرو تنگ ٿي  رهيو آهي، جنرل(ر) باجوا لاءِ به مشڪلات نظر اچي رهي آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ جي ايڇ ڪيو انڪوائري ڪندي، جنرل(ر)فيض حميد کي ڪور ڪمانڊر طور بحال ڪيو ويندو ۽ پوءِ سڄي جاچ ٿيندي،درخواست گذار ڪنور معيز کي گهرايو ويندو،هوڏانهن صحافي اعزاز سيد چيو ته  ٽاپ سٽي معاملي تي فيض حميد جيڪڏهن مثال بڻجي ويو ته پوءِ اڳتي معاملا ٺيڪ ٿي ويندا،  اڳتي ڪو به جنرل حدون پار نه ڪندو، جڏهن ته وي لاگر اسد علي طور چيو ته جنرل(ر) فيض حميد جڏهن غيرقانوني ڪم ڪري رهيو هو ته جنرل(ر) قمر جاويد باجوا جي سربراهي ۾ اسٽيبلشمينٽ  اڻ سڌي ريت ان ۾ ملوث هئي، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ درخواست گذار ڪنور معيز کي ٽاپ سٽي معاملي تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي عدالت موڪلي ڇڏيو ،پلان اهو هو ته چيف جسٽس کي پيغام موڪليو ويو ته توهان سان فيض حميد زيادتي ڪئي، هاڻي هن کان پلاند جو وقت اچي ويو آهي پر چيف جسٽس ان ٻه منهين تلوار کي وڏي خوبصورتي سان سائيڊ تي ڪري ڇڏيو ، ان معاملي سان اسٽيبلشمينٽ اداري اندر اهو تاثر پکيڙي ها ته چيف جسٽس جنرل(ر) فيض جي پٺيان پئجي ويو آهي، هاڻي اسان هڪ وڏي سياسي انجنيئرنگ ڪري رهيا آهيون ان ڪري چپ ڪري ويهو، هن چيو ته چيف جسٽس ڪو فيصلو ڏئي ها ته پوءِ فيض حميد کي متاثر ڪري پيش ڪيو وڃي ها،فيض آباد ڌرڻو ڪيس ۾ آءِ ايس آءِ جو اڳوڻو سربراهه اڳ ئي ڦاٿل آهي، چيف جسٽس فوج کي پيغام موڪليو ته توهان پنهنجو گند پاڻ صاف ڪريو، ذريعن موجب فيض حميد خلاف ڪارروائي لاءِ ماحول بڻايو پيو وڃي، فوج محسوس ڪري ورتو آهي ته جنرل(ر) فيض انهن لاءِ بار بڻجي ويو آهي،هن ذاتي مفادن لاءِ فوج جي ساک خراب ڪئي.

اسلام آباد ( م  ڊ) سپريم ڪورٽ ٽاپ سٽي طرفان اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. معيز احمد جي درخواست تي 8 نومبر جي ٻڌڻي جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو ويو.سپريم ڪورٽ موجب درخواستگذار اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه فيض حميد خلاف سنگين الزام لڳايا آهن، درخواستگذار موجب ٽاپ سٽي تي قبضي لاءِ کيس ۽ سندس گهرواري اغوا ڪيو ويو. ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد تي رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ عملدارن ذريعي درخواستگذار جي آفيس ۽ گهر تي ڇاپا هڻڻ جو الزام آهي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته فيض حميد تي درخواستگذار جي گهر جو سامان ۽ سوسائٽي جو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو به الزام آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ کانسواءِ ڪارروائي لاءِ ڪو به لاڳاپيل فورم ناهي، سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ لکيو ايڊيشنل اٽارني جنرل موجب درخواستگذار دفاع واري وزارت سان رجوع ڪري سگهي ٿو، درخواستگذار وٽ فيض حميد سميت ٻين ڌرين خلاف لاڳاپيل فورمز موجود آهن.سپريم ڪورٽ چيو آهي ته درخواستگذار جي الزامن تي قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. درخواستگذار وٽ  فيض حميد سميت ٻين ڌرين خلاف لاڳاپيل فورمز موجود آهن. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ميرٽس ۾ وڃڻ کانسواءِ دخواستون اڪلائي ٿي. هوڏانهن سپريم ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي ان چيمبر ڪارروائين کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي 3 رڪني بينچ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته انساني حقن واري سيل ۾ داخل درخواستن تي چيمبر ۾ ٻڌڻي جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي. عدالتي حڪم ۾ جسٽس اطهر من الله جو ٻن صفحن جو اضافي نوٽ به شامل آهي. سپريم ڪورٽ زاهده بي بي جي انساني حقن واري سيل ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ايڇ آر سيل کي صرف درخواستن جو جائزو وٺڻ ۽ نظرثاني لاءِ چيف جسٽس ڏانهن موڪلڻ جو اختيار آهي. اڳوڻي چيف جسٽس کي صرف ايڇ آر سيل جون درخواستون رجسٽر ڪرڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ مقرر ڪرڻ جو اختيار هو. پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ کانپوءِ چيف جسٽس جو اهو اختيار به ختم ٿي ويو آهي ۽ نئين قانون تحت ٽن ججن تي ٻڌل ڪميٽي کي بنيادي حقن جي درخواستن تي فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.