اسلام آباد (م ڊ) عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ نمايان لاٿ کانپوءِ پاڪستان ۾ به پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ٿيڻ جو امڪان آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ لاٿ سبب پاڪستان ۾ به پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ پندرنهن نومبر کان في ليٽر اٺ کان ڏهه رُپيا لاٿ جو امڪان آهي. واضح رهي ته يو ايس ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ ڪروڊ آئل جي قيمت جولاءِ کانپوءِ چار سيڪڙو گهٽجي گهٽ تين سطح 78 ڊالر في بيرل تي اچي وئي آهي. ملڪ ۾ پيٽرول 283.38 رُپيا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 303.18 رُپيا آهي.