پوائنٽ بس پٺيان ڊوڙندڙ شاگردياڻي جي وڊيو وائرل، انتظاميا تي تنقيد

ڪراچي (م ڊ) سوشل ميڊيا تي شاگردياڻي جي هڪ وڊيو سڀني جي جيءَ کي جهنجوڙي رهي آهي ته اهي نياڻيون جيڪي تعليم پرائڻ  لاءِ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺن ٿيون انهن سان پوائنٽ بس وارا ڪهڙو حشر ڪن ٿا، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ شاگردياڻي پوائنٽ بس پٺيان ڊوڙي رهي آهي پر ڊرائيور پوائنٽ بس نٿو روڪي ۽ اڳتي هلندو ٿو وڃي، شاگردياڻي پٺيان پوائنٽ بس جي ڊوڙي رهي آهي، پوائنٽ بس اڳتي وڃي بيهي ٿي، جنهن جي پٺيان ٻيون به شاگردياڻيون ۽ شاگرد ڊوڙندي پهچن ٿا، سوشل ميڊيا صارفين پاران پوائنٽ بس ڊرائيور تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي ته نياڻين سان بس ڊرائيور اهڙو ورتاءُ ڪن ٿا، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن، ساڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته پوائنٽ بس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي آهي، انتظاميا ڪٿي گم آهي، معصوم نياڻين جي تذليل ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.