نواز ليگ لاهور ۾ حمزا شهباز جي سرپرستي ۾ ڌڙابندي

لاهور (م ڊ) نواز ليگ سربراهه نواز شريف کي نواز ليگ لاهور ۾ ڌڙابندي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي، نواز ليگ لاهور جي صدر سيف الملوڪ کوکر نواز شريف کي ملاقات ۾ رپورٽ پيش ڪئي، ذريعن موجب ڌڙابندي ۾ شامل اڳواڻ حمزه شهباز جي سرپرستي جي دعويٰ ڪن ٿا، نواز ليگ قائد لاهور ۾ اختلافن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، سيف الملوڪ کوکر نواز شريف سان وطن واپسي بعد ان سان ٻه ڀيرا ملاقاتون ڪري چڪو، نواز ليگ لاهور ۾ تنظيم سازي، پيش ايندڙ ڏکيائين ۽ پارٽي اڳواڻن جي ڪارڪردگي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، رپورٽ موجب حمزه شهباز جي مبينه سرپرستي جي ڪري انهن اڳواڻن خلاف  لاهور جي صدر طور ايڪشن وٺڻ مشڪل آهي، ڌڙا بندي جي تاثر سان پارٽي کي ايندڙ چونڊن ۾ گهربل ڪاميابي ۾ ڏکيائي پيش اچي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.