ڪوٽڙي (ن ع آ) غيرقانوني پرڏيھين جي نيڪالي لاءِ ڪوٽڙي ۾ جسقم جي سڏ تي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڪوٽڙي ۾ جسقم پاران ڄامشوري ضلعي اندر رھندڙ غيرقانوني افغانين سميت پرڏينھين جي نيڪالي لاءِ جسقم اڳواڻ ديدار شام ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سائيٽ ڪوٽڙي جي ٻٻر چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي ڄامشورو جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن ديدار شام، خالق پنھور، سليمان ھالو، عابد شيخ ۽ ٻين چيو ته ڄامشوري ضلعي اندر غيرقانوني طور رھندڙ افغانين جون بستيون قائم آھي پر ڄامشورو پوليس توڙي ضلعي انتظاميا انھن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته اڄ به نالي ماتر آپريشن ڪيو وڃي آھي ھنن مطالبو ڪندي چيو ته فوري غيرقانوني پررڏينھين کي نيڪالي ڏني وڃي.