سينيٽ اجلاس ۾ هندو برادري کي ڏياريءَ جون واڌايون

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻيءَ هندو برادري کي ڏياري جي ڏڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. گذريل ڏينهن  سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته گذريل ڏينهن ڏياري جو ڏڻ ملهايو ويو جنهن تي هندو برادري کي پوري ايوان طرفان مبارڪون پيش ڪيان ٿو.

ناظم آباد نمبر 4 ۾ غيرقانوني اڏاوت، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ جي جسٽس نديم اختر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ناظم آباد نمبر 4 ۾ غيرقانوني اڏاوت خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران ڊي جي ايس بي سي اي ۽ڊپٽي ڊائريڪٽر عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڇو نه ٿيو آهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته غيرقانوني اڏاوت خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، جلد غيرقانوني اڏاوتون ختم ڪيون وينديون،جسٽس نديم اختر پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اوهان ڪارروائي نٿا ڪريو ته واضح ڪريو، اسان اوهان جي خلاف ڪارروائي ڪيون، عدالت چئن هفتن تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

لال محمد ڳوٺ ۾ گهر ڊاهڻ خلاف ڳوٺاڻن جو عدالت سان رابطو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ ۾ ڪراچي جي ڳوٺ لال محمد ۾ مبينا قبضي ڪري گهرن کي ڊاهڻ واري معاملي ۾   ڳوٺ جي رهواسين عدالت سان رابطو ڪري ورتو، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار الهه ڏنو سميت 40 ماڻهن موقف اختيار ڪيو ته اسان وٽ زمين جي سند موجود آهي، قبضا مافيا گهر ڊاهي زمين وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا.

اسد قيصر راهداري رمانڊ تي اينٽي ڪرپشن ڪي پي ڪي عملدارن حوالي

اسلام آباد(م ڊ) سول جوڊيشل ميجسٽريٽ قدرت الله اينٽي ڪرپشن ڪي پي ڪي جي ڪيس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي رهداري رمانڊ تي اينٽي ڪرپشن ڪي پي ڪي جي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو. سومر ڏينهن عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ڪي پي ڪي جي اينٽي ڪرپشن کاتي جا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

اسد عمر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

اسلام آباد(م ڊ) ڊيوٽي جج محمد سهيل جي عدالت سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ اسد عمر جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي عبوري ضمانت ۾  واڌ ڪري ڇڏي. سومر ڏينهن ايڊشنل سيشن جج عبدالغفور ڪاڪڙ جي موڪل تي هجڻ سبب اسد عمر جي گرفتاري کان اڳ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڊيوٽي جج محمد سهيل ڪئي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.