لاهور (م ڊ) احتساب عدالت ترقياتي منصوبن ۾ اربين رپين جي مبينا ڪڪ بيڪس وصولي جي معاملي ۾ مونس الاهي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. احتساب عدالت جي جج نسيم احمد ورڪ نيب جي درخواست تي ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ نيب موقف اختيار ڪيو ته مونس الاهي گرفتار ناهي ٿيو، نه ئي جاچ ۾ شامل ٿيو، تنهن ڪري کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي. احتساب عدالت نيب جي اپيل تي مونس الاهي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو ۽ سندس ملڪيتن جو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو. احتساب عدالت ملڪيتن کي ضبط ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.
ڪراچي: اورنگي ٽائون ۾ فائرنگ ۾ نعت خوان مارجي ويو
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ فائرنگ ۾ نعت خوان مولانا رحيم الله مارجي ويو، اورنگي ٽائون جي علائقي پاڪستان بازار ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو واقعو پيش آيو، ايس ايس پي ويسٽ مهروز علي جو چوڻ هو ته مقتول جي سڃاڻپ مولانا رحيم الله جي نالي سان ٿي آهي، واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ آهي، مقتول کي ٽي گوليون هنيون ويون، اختيارين جو چوڻ آهي ته مقتول وٽ موبائيل فون ۽ ٻيو سامان موجود هو، واقعي واري هنڌ تان 9 ايم ايم پستول گولي جو خول مليو آهي، مقتول رحيم الله جي گهرڀاتين جو چوڻ هو ته فائرنگ جو واقعو ان وقت پيش آيو، جنهن وقت رحيم الله نعت خواني جي تقريب ۾ وڃي رهيو هو، مقتول کي 6 مهينن جو پٽ آهي، سندس جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي.
ڊائريڪٽر ايڊور ٽائزنگ جي ڪرپشن، درخواستگذار جو عدالت سان رابطو
ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ ڊائريڪٽر ايڊورٽائزنگ جي مبينا ڪرپشن واري معاملي تي درخواست گذار عدالت سان رابطو ڪري ورتو، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواستگذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي ڊائريڪٽر ايڊورٽائزنگ نديم حيدر کي 3سالن تائين معطل ڪيو ويو، 7آگسٽ 2023ع تي جهن کي ٻه عهدا ڏنا ويا، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اوهان چاهيو ڇا ٿا، درخواستگذار چيو هن کي عهدي تان هٽايو وڃي،عدالت بلديات کاتي جي سيڪريٽري، ڊائريڪٽر نديم حيدر سميت ٻين کي 24نومبر جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.