امن امان جي صورتحال بهتر پئي ٿئي، سڀني غير قانوني پرڏيهين کي ڪڍيو ويندو: حارث نواز

امن امان جي صورتحال بهتر پئي ٿئي، سڀني غير قانوني پرڏيهين کي ڪڍيو ويندو: حارث نوازڪراچي/ملير (رپورٽر/ ڊ ر) نگران صوبائي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو آهي ته سنڌ ۾ امن و امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، سڀ کان وڌيڪ ڦرلٽ گذريل ڏينهن ٿي  آهي ٻن مهينن جي دوران 40 کان وڌيڪ ڦورو مارجي چڪا آهن اڃان ڪجهه وارداتون ٿي رهيون آهن پر جلد انهن جو خاتمو ٿيندو، نگران وزير خدا بخش مري جي ڀاءُ جي جنازي نماز ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته غيرقانوني پرڏيهين خلاف آپريشن جاري آهي ان آپريشن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي اسين ماڻهن سان گڏ انتهائي احترام سان پيش اچي رهيا آهيون جنهن وٽ قانوني طور تي رهائش دستياب هوندي انهن کي ڪجهه نٿو چيو وڃي، سنڌ مان غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ واري آپريشن ۾ وڏي ڪاميابي ملي آهي، سنڌ مان غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ واري آپريشن ۾ وڏي ڪاميابي ملي آهي، قانوني دستاويز رکندڙ پرڏيهين خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، نگران صوبائي گهرو وزير حارث نواز وڌيڪ چيو ته شهيد جان محمد مهر جا قاتل ڪچي ۾ درياهه جو پاڻي هئڻ سبب گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، شهيد جان محمد مهر جا قاتل جلد گرفتار ڪيا ويندا، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، اسان ماڻهن سان انتهائي احترام سان پيش اچي رهيا آهيون، سڀني غير قانونين کي ڪڍيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.