”افغان پناهگير رڍ ٻڪريون ناهن“ سينيٽ ۾ ليگي سينيٽر پاران بي دخلي جي مخالفت

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته افغان پناهگير رڍون نه آهن، اسان کي غير رجسٽرڊ افغانين جي نشاندهي لاءِ ميڪنزم ٺاهڻو پوندو، افغانستان ۾ عدم تحفظ پاڪستان تي اثراندازٿئي ٿو.سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هڪ طرف فلسطين ۾ ظلم ٿي رهيو آهي ته ٻئي طرف افغانين سان اهو ظلم ٿي رهيو آهي.عرفان صديقي وڌيڪ چيو ته اسان کين 40 سالن تائين رکيو، هاڻي اهڙي طرح بي دخل ڪري رهيا آهيون، افغان پناهگيرن کي مهذب طريقي سان واپسي جو رستو ڏيکاريو..هن چيو ته دوکو ڪرڻ لاءِ چئون ٿا ته اسان افغانين کي نه پر پرڏيهين کي نيڪالي ڏئي رهيا آهيون.نگران گهرو وزير سينيٽر سرفراز بگٽي چيو ته پاڪستان جا افغان حڪومتن سان لاڳاپا سٺا ناهن رهيا.سينيٽ ۾ ڳالهائيندي سرفراز بگٽي چيو ته افغان شهرين سان اسان جو ڀائپي وارو لاڳاپو آهي، جيڪو قيامت تائين جاري رهندوهن چيو ته حڪومت انهن پرڏيهين کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو جن وٽ دستاويز ناهن، هي ڪارروائي افغانين خلاف نه پر غيرقانوني رهندڙن خلاف آهي.سينيٽر سرفراز بگٽي جو اهو به چوڻ هو ته ڪو شخص بغير ويزا جي افغانستان وڃي ته ڏيکاري،  افغان شهري هتي ڪاروبار ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءِ ويزا وٺي اچن.قائد ايوان اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته اها اسان جي غلطي آهي ته اسان سخت گير دهشتگردن کي ڇڏي ڏنو، جن اهو ڪيو، انهن کي ٽي وي تي گهرائي  معافي وٺرائي وڃي، سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته سعديه عباسي چيو ته افغانين کان شيون کسيون پيون وڃن، ان جي ڪير حمايت نٿو ڪري ته غيرقانوني پناهگيرن کي نه ڪڍيو وڃي،مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته تازو ڪجهه عرصي ۾ دهشتگردي جي لهر ۾ واڌ ٿي آهي، ان جون ڪڙوين سرحد پار کان ملن ٿيون، افغانين ۾ پاڪستان خلاف نفرت پيدا ڪئي پئي وڃي،سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته نگران حڪومت معدنيات جي وزارت بڻائي رهي آهي، جيڪڏهن وفاق کي معدنيات جي وزارت بڻائڻي آهي ته ارڙهين ترميم جي فاتحه پڙهي وٺو، ڪوئيٽا ۾ يونيفارم پاتل ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو کنڀي رهيا آهن،ان سان نفرت پکڙجندي،سينيٽر عمر فاروق چيو ته اسان پاسپورٽ ذريعي اچڻ وڃڻ جا حڪم نٿا مڃون،سينيٽر شفيق ترين چيو ته افغان پناهگيرن کي موڪلڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، افغان شهري خوشي سان نه پيا وڃن، طاهر بزنجو چيو ته افغانين جي باعزت واپسي يقيني بڻائي وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.