ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ پهريون ڀيرو تاريخ جي بلند ترين سطح 56 هزار جي نفسياتي حد پار ڪري وئي، هنڊريڊ انڊيڪس ۾ 745 پوائنٽن جي واڌ ٿي. پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪالهه به زبردست تيزي جو رجحان رهيو ۽ مارڪيٽ هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن به زبردست تيزي سان سرگرمين جي شروعات ٿي ۽ هنڊريڊ انڊيڪس 745 پوائنٽن جي واڌ سان تاريخ جي بلند ترين سطح 56 هزار جي نفسياتي حد پار ڪري ويو، جيڪا هيل تائين پاڪستان ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جي تاريخ جي بلند ترين سطح آهي. هنڊرڊ انڊيڪس ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 56 هزار 136 پوائنٽن تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي .