حيدرآباد( رپورٽر) حيدرآباد ۾ ھٿياربندن پيٽرول پمپ تان مئنيجر کان ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري مئنيجر کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ ھڪ واٽھڙو زخمي ٿي پيو، سينٽرل جيل ڀرسان موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن رقم کڻي بينڪ ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ موٽرسائيڪل تي ويندڙ پيٽرول پمپ جي مئنيجر 35 سالن جو محمد قاسم خان ڀٽي ۽ سندس ھيلپر کي روڪي کانئن 16 لک 82 ھزار رپيا ڦر ڪيا، ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ مئنيجر موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، جڏھن ته فائرنگ ۾ ھڪ واٽھڙو لطيف آباد ٻارھن نمبر واسي محمد راحيل پٽ عبدالمجيد اک ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، زخمي ٿيل شھري کي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب ڪراچي جي ھڪ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو.