پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪوريج تي بندش بابت پيمرا جو حڪم نامو معطل

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان لاءِ وڏو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ، عدالت31 مئي 2023 واري پيمرا جي ڏنل فيصليکي معطل ڪري ڇڏيو، 9 مئي 2023 جي وارن واقعن کانپوءِ وفاقي حڪومت پاران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ڪوريج تي پابندي لڳائي وئي هئي، عدالت آڏو درخواستگذار جي وڪيل  بئريسٽر دليل دنا ته پيمرا جو ڏنل حڪم قانون جي لحاظ کان غلط آهي، اهو هڪ سياسي پارٽي کي نشانو بڻائڻ لاءِ لڳايو ويو ھو، اهو حڪم پيمرا چيئرمين اڪيلي سر جاري ڪيو، پيمرا بورڊ ۽ ڪائونسل آف ڪمپلين جي ڪورم کي به نظرانداز ڪيو ويو، آرڊر پاس ڪرڻ وقت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ميمبرن کي ٻڌو ئي نه ويو، عدالت بئريسٽر علي طاهر جا دليل ٻڌڻ بعد مختصر حڪم نامو جاري ڪندي پيمرا جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.