مني بجيٽ نه ايندي، آءِ ايم ايف ٽئڪس هدف برقرار رکڻ تي راضي

اسلام آباد (م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان لاءِ 9 هزار 415 اربن جو ساليانو ٽيڪس هدف برقرار رکڻ تي راضي ٿي ويو.  پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پاليسي سطح تي ڳالهيون جاري آهن، ذريعن موجب آءِ ايم ايف 9 هزار 415 اربن جو ساليانو ٽيڪس هدف برقرار رکڻ تي رضامند ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ مني بجيٽ نه ايندي. ايف بي آر ذريعن موجب نگران حڪومت ڪو نئون ٽيڪس نه لڳائيندي، ان حوالي سان آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ جو لکت پلان فراهم ڪيو ويو آهي ۽ آءِ ايم ايف کي 9415 ارب رپين جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته ريئل اسٽيٽ سيڪٽر مان ٽيڪس چوري جي خاتمي جي به خاطري ڪرائي وئي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي وئي ته ٽيڪس آمدني وڌائڻ لاءِ ٽيڪس اختياريون انتظامي قدم بهتر بڻائينديون، معيشت کي دستاويزي شڪل ڏئي ٽيڪس نيٽ وڌائڻ جو به پلان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.