راملا(م ڊ) فلسطيني ايوان صدر چيو آهي ته غزا کي فلسطين کان ڌار ڪرڻ جي اسرائيلي ڪوششون ناڪام ٿي ويون. سعودي خابرو اداري مطابق فلسطيني صدر جي ترجمان نبيل ابور دينا چيو ته فلسطيني ايوان صدر آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل طرفان شروع ڪيل جنگ کان خلاف فوري ڪارروائي ڪري. هن چيو ته اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو نو آبادياتي منصوبن جي منظوري ڏئي رهيو آهي جنهن جو مقصد فلسطيني ڪاز کي ختم ڪرڻ آهي.