اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ بلوچستان جي آدمشماري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس اعجازالاحسن رمارڪس ڏنا آهن ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلن تي ڪا عدالت نظرثاني نه ٿي ڪري سگهي، سي سي آءِ پاليسي معاملا طئي ڪندڙ خصوصي آئيني ادارو آهي، پاليسي معاملن ۾ ڪو فرد يا عدالت مداخلت نه ٿا ڪري سگهن، بلوچستان جي وڏي وزير سميت سي سي آءِ جي آدمشماري بابت فيصلي جي ڪنهن به مخالفت نه ڪئي. درخواست گذار ۽ وڪيل ڪامران مرتضيٰ چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير کي سي سي آءِ جي اجلاس ۾ زبردستي ويهاريو ويو، سي سي آءِ جي جوڙجڪ به مڪمل نه هئي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته توهان جي وڏي وزير کي سي سي آءِ اجلاس ۾ زبردستي ڪير وٺي ويو؟. وڪيل ڪامران مرتضيٰ چيو ته وڏو وزير ته سمهيو پيو هو، کيس جهاز ذريعي اسلام آباد پهچايو ويو، هاڻوڪي آدمشماري ۾ بلوچستان جي آبادي سوا هڪ ڪروڙ ڄاڻائي وئي آهي، بلوچستان جي اصل آبادي هن وقت 2 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي . جسٽس جمال مندوخيل چيو ته سي سي آءِ جي فيصلي کي عدالت نه پر پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ئي ڏسي سگهي ٿو. وڪيل ڪامران مرتضيٰ چيو ته صوبي جي هڪ شهريءَ جي حيثيت ۾ مان غلط آدمشماري کي چئلينج ڪري سگهان ٿو، آباديءَ جي حساب سان بلوچستان جون 10 قومي سيٽون وڌڻ گهرجن. عدالت اٽارني جنرل، ايڊوڪيٽ جنرل بلوچستان ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.