فلسطينين خلاف بيان: برطانوي گهرو وزير سويلا بريور مين برطرف

ڪراچي (م ڊ) برطانيه جي وزيراعظم رشي سونڪ گهرو وزير سويلا بريور مين کي برطرف  ڪري ڇڏيو آهي، حڪومتي ذريعن موجب گهرو وزير جي برطرفي ڪابينا ۾ هڪ وڏي پئماني تي ردو بدل جو حصو آهي، جڏهن ته اهو ناهي ٻڌايو ويو ته وڌيڪ ڪهڙيون تبديليون ٿيون آهن يا ٿي سگهن ٿيون، سويلا کي لنڊن ۾ فلسطينين جي حق ۾ ٿيندڙ مارچ کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي تي تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو هو، سويلا بريور مين چيو هو ته پوليس فلسطينين جي حمايت ۾ مظاهرن تي پابندي نه لڳائي تعصب ڪري رهي آهي، هن فلسطنين کي غزه ۾ قتلام جو ڪارڻ قرار ڏنو هو، بريور مين اسرائيلي فوج جي تعريف ڪندي چيو هو ته هن جا ڪيترائي مائٽ اسرائيلي فوج ۾ آهن ان جي ڪري هو ڄاڻي ٿي ته اسرائيلي فوج دنيا جي بهترين ۽ پيشيور فوج آهي، بريور مين جي برطرفي جي فوري بعد اڳوڻي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون کي ڊائوننگ اسٽريٽ ۾ داخل ٿيندي ڏٺو ويو جنهن بعد اهي افواهه هلي رهيا آهن ته هو ڪابينه ۾ واپس ايندو.

ڪراچي جي فليٽ ۾ فائرنگ، عورت مارجي وئي، مڙس ۽ ملازم گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڊفينس فيز 8 ۾ دو دريا جي ڀرسان فليٽ ۾ فائرنگ جي نتيجي هڪ عورت مارجي وئي، پوليس عورت جي مڙس ۽ ملازم کي گرفتار ڪري ورتو، ڊفينس دريا ڀرسان رهائشي فليٽ ۾ عورت جو پراسرار قتل ٿي ويو، فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت فوت ٿي وئي. ايس ايس پي ڏکڻ عمران قريشي جو چوڻ آهي ته پوليس عورت جي مڙس ۽ ملازم کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، عورت ۽ ابرار بگٽي 5 آڪٽوبر تي گهر وارن جي مرضي خلاف شادي ڪئي هئي، مقتولا قرة العين جي مڙس ابرار بگٽي دعويٰ ڪئي آهي ته عورت خودڪشي ڪئي آهي، حراست دوران مڙس پوليس  کي ٻڌايو ته 5 آڪٽوبر تي ٻنهي گهر وارن جي مرضي کانسواءِ پسند جي شادي ڪئي هئي. مڙس ابرار بگٽي جو چوڻ هو ته اڄ صبح منهنجي زال خودڪشي ڪرڻ واري وڊيو به ٺاهي هئي، وڊيو ۾ زال چيو ته مان پنهنجي زندگي کان تنگ ٿي چڪي آهيان ، کيس ڪورنگي روڊ جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، ايس ايس پي ڏکڻ جو چوڻ هو ته پوليس کي جنهن ڪمري مان عورت جو لاش مليو آهي ان مان هٿيار پڻ هٿ ڪيو ويو آهي ، پوليس مقتولا ۽ سندس مڙس جي موبائل فون قبضي ۾ وٺي ڪري   جاچ جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آهي.

 اڊيالا جيل ۾ شاهه محمود جي گهرڀاتين سان ملاقات

راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي گهرڀاتين سان اڊيالا جيل ۾  ملاقات ٿي. جيل اختيارين موجب شاهه محمود قريشي جي گهروارن سان ڪانفرنس روم ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ شاهه محمود جي گهر واري ۽ نياڻي شامل هيون. جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي جي گهرواري سان ملاقات ۾ وڪيل به موجود هئا. واضح رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي ڪوڙا ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ قيد آهن، جڏهن ته ٻنهي تي ان ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.