چونڊن ۾ عورتن کي موقعو ڏبو، ڪنهن سان به اتحاد نه ڪنداسين: محنتي

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ 28 نومبرتي سکر ۾ انتخابي ڪنوينشن ڪوٺائي سنڌ ۾ چونڊ سرگرميون شروع ڪرڻ جو اعلان  ڪري ڇڏيو آهي، ڪنوينشن جي صدارت مرڪزي امير سراج الحق ڪندو، جماعت اسلامي سنڌ جي اميرمحمد حسين محنتي قباء آڊيٽوريم ۾ ضلعي عھديدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته مرد توڙي عورت صوبائي ۽ قومي اسمبلي لاءِ نامزد اميدوار شريڪ ٿيندا، جماعت اسلامي ڪنھن سان به اتحاد نه ڪندي پنھنجي جهنڊي ۽ نشان تي اليڪشن وڙھندي، جيڪي اتحاد سنڌ ۾ ٺھي رھيا آھن تن کي عوام جي ڪا ڳڻتي ناهي، هن چيو ته مدي خارج نظام توڙي حرام خور قيادت خوشحال سنڌ جي عوام کي پٿر واري دور۾ ڌڪي ڇڏيو آھي جنھن جي ڪري سنڌ جو ھر شھر ۽ شعبو تباھي جو ڏيک ڏئي رھيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.