ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر تفصيلي غور ويچار کانپوءِ زراعت کاتي پاران پيداواري لاڳت جي خرچ بعد سال 24-2023ع جي فصل لاءِ ڪمند جو گهٽ ۾ گهٽ اگهه 425 رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر، سيڪريٽري ناڻو ڪاظم جتوئي، سيڪريٽري زراعت اعجاز شاهه، فوڊ سيڪريٽري ناصر عباس ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.سيڪريٽري زراعت اعجاز شاهه ٻڌايو ته في ايڪڙ لاڳت 244984 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي ۽ هڪ ايڪڙ جي سراسري پيداوار 650 مڻ يعني 377 رپيا في 40 ڪلوگرام آهي جيڪڏهن 12.7 سيڪڙو نفعو شامل ڪجي ته قيمت 425 رپيا ٿي وڃي ٿي. چيف سيڪريٽري فخر عالم ٻڌايو ته هن زراعت کاتي بابت اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ڪمند جو گهٽ ۾ گهٽ اگهه 425 رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن هارين جي مطالبي موجب 15 سيڪڙو منافعو وڌايو ويو ته اگهه وڌي 434 رپيا في مڻ تائين پهچندو. وڏي وزير ڪمند جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 425 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته اها قيمت ڪابينا کان سرڪيوليشن ذريعي منظور ڪرائي وڃي. سيڪريٽري زراعت وڏي وزير کي پنهنجي کاتي جي انفراسٽرڪچر ۽ حڪمت عملي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته کاتي ۾ 12 ونگز آهن جن ۾ ريسرچ، ايگريڪلچر مئنيجمينٽ، ٽريننگ اينڊ ريسرچ، ايگريڪلچرل مارڪيٽنگ، ڪين ڪمشنريٽ، ڪاٽن ڪمشنريٽ، بيورو آف سپلائي اينڊ پرائيس، وزن، ماپ ۽ پلاننگ ۽ مانيٽرنگ سيل سميت ٻيا شامل آهن وڏي وزير چيو ته کاتي جون اڪثر ونگز ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن. هن زراعت واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو هر ونگز جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺي جيڪي متحرڪ نه آهن انهن ونگز کي ختم ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته اڪثر هاري پنجاب يا چيني سرٽيفائيڊ ٻج خريد ڪري رهيا آهن ۽ زراعت کاتي جي ريسرچ ونگ چانورن يا ڪڻڪ جو ڪوبه نئون قسم نه آڻي سگهي آهي.