غزا ۾ جنگي ڏوهه نه روڪڻ تي بائيڊن تي تنقيد

واشنگٽن( ڊ) آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ ايجنسي فار انٽرنيشنل ڊولپمينٽ (USAID) جي درجنين اهلڪارن  هڪ اندروني ياداشت تي دستخط ڪيو آهي جنهن ۾ وائيٽ هائوس تي تنقيد ڪئي وئي آهي ته غزه ۾ فلسطينين جي زندگين جو قدر نه پيو ڪيو وڃي.برطانوي اخبار دي گارڊين جي رپورٽ موجب هڪ آمريڪي اهلڪار غزه جنگ جي حوالي سان صدر جوبائيڊن جي حڪمت عملي جي مخالفت ڪندي هن ميمو تي صحيح ڪندي چيو آهي ته وائيٽ هائوس هن جنگ کي روڪڻ لاءِ تيار ناهي.ميمو ۾ آمريڪي صدر تي غزه ۾ اسرائيلي جنگي ڏوهن کي روڪڻ ۾ ناڪامي جو الزام لڳايو ويو آهي.

گم ٿيل ماڻهو آزاد نه ٿيا ته آءِ جي سنڌ کي گهرائينداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل ماڻهن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پوليس ۽  صوبائي حڪومت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته پوليس ۽ صوبائي حڪومت چئي رهي آهي ته شهري اسان وٽ نه آهن، ته پوءِ  گم ٿيل شهري ڪهڙي جاءِ تي آهن، گم ٿيل ماڻهن کي زمين ڳهي وئي يا آسمان کائي ويو، گم ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، عدالت جي آءِ ٽي جي سربراهه کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو،عدالت چيو ته جيڪڏهن گم ٿيلن کي آزاد نه ڪرايو ويو ته آءِ جي سنڌ کي طلب ڪنداسين، عدالت اڳڀرائي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي.

ڪراچي: آءِ آءِ چندريگر روڊ تي عمارت کي باهه، وڏو نقصان

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي شارٽ سرڪٽ سبب هڪ بزنس عمارت ۾ باهه لڳي وئي، وڏو مالي نقصان ٿيو، ڪراچي جي آءِ آءِ چندريگر روڊ  تي شارٽ سرڪٽ سبب بزنس عمارت ۾ باهه لڳي وئي جنهن کان پوءِ ماڻهن کي ڏاڪڻين جي مدد سان ٻي عمارت ڏانهن منتقل ڪيو ويو، چار ماڙ عمارت جي بجلي جي ميٽر مان لڳل باهه تي فائر برگيڊ عملي پهچي ضابطو آندو. باهه وسائڻ لاءِ 10 فائر ٽينڊر ۽ اسنارڪل پڻ حصو ورتو، واقعي واري هنڌ بجلي جو عملو به موقعي تي پهچي بجلي بند ڪري ورتي وڏي جدوجهد بعد باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو، بزنس سينٽر ۾ ڪم ڪندڙ ملازم چيو ته باھ لڳڻ کانپوءِ عمارت ۾ دونهون ڀرجي وڃڻ سبب ٻاهر نڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيدا ٿيون عمارت جي ڇت تي چڙهي وياسين، هڪ ٻئي ملازم صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته باھ لڳڻ وقت مان پنجين فلور تي هيس هر طرف دونهون ڦهلجڻ سبب مان بي بلڊنگ طرف ٽپو ڏئي جان بچائي، شهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بزنس سينٽر ۾ باھ لڳڻ کانپوءِ 40 منٿن کانپوءِ فائربرگيد عملو پهتو، فائر برگيڊ عملي جي دير پهچڻ سان بزنس سينٽر جو نقصان ٿيو آهي.

غزا ۾ جنگ هاڻي انسانيت جي جنگ بڻجي چڪي آهي:طاهر اشرفي

لاهور(م ڊ) نگران وزيراعظم جي خاص معاون ۽ پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته غزه ۾ جنگ هاڻي انسانيت جي جنگ بڻجي  چڪي آهي، فلسطين سمورن مذهبن جي ماڻهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. ان بربريت کي فوري طور بند ٿيڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن بين المذاهب معاملن واري قومي ڪميشن  ۽ انٽرنيشنل انٽر فيٿ هارمني ڪائونسل جي انتظام هيٺ ڪيٿيڊرل چرچ لاهور ۾ منعقد فلسطين يڪجهتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان جنگ ۾ هن وقت تائين 11 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ 4 هزار کان وڌيڪ ٻار شامل آهن،

نيو ڪراچي ۾ ڦورن جي فائرنگ، سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽر ) نيو ڪراچي جي علائقي ۾ ڦورن سيڪيورٽي گارڊ کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ 10 لک روپين کان وڌيڪ ڦر جي رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، سيڪٽر اليون ڊي 5 نمبر فيض عطار مسجد ويجهو نجي بينڪ جي ٻاهران ڦورن جي فائرنگ سبب هڪ سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو جنهن جو لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتول جي سڃاڻپ 28 ورهين جي عمر زمان ولد سيد وزير جي نالي سان ڪئي وئي، مقتول ڊسٽرڪٽ ويسٽ جي علائقي سائيٽ ايريا جو رهواسي ۽ نجي سيڪيورٽي ڪمپني ۾ بطور گارڊ نوڪري ڪندو هو، ڪمپني طرفان پولٽري فارمن مان شهر ۾ ڪڪڙيون سپلاءِ ڪندڙن وٽ رقم جي ريڪوري ڪرڻ جو ڪم ڪندو هو، پوليس طرفان شروع ڪيل شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته جوابدار 10 لک روپين کان وڌيڪ جي رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.