الشفا اسپتال سامهون پيل لاشن کي دفنائڻ وارو ڪو ئي ناهي: فلسطيني صحت واري وزارت

رمله(م ڊ) غزه جي پٽي ۾ حماس انتظاميه جي صحت واري وزارت چيو آهي ته الشفا اسپتال اندر ۽ سامهون پيل لاشن کي دفنائڻ وارو ڪوئي  ناهي. سعودي خابرو اداري فلسطيني صحت واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو ته الشفا اسپتال اندر ۽ ٻاهر لاشن جا ڍير لڳا پيا آهن پر انهن کي دفنائڻ لاءِ ڪو ئي ناهي جڏهن ته قابض فوج اسپتال جو زميني ۽ فضائي گهيرو ڪري هر حرڪت ڪندڙ شئي کي نشانو بنائڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي. ترجمان موجب الشفا اسپتال سموريون صلاحيتون ختم ٿيڻ بعد ڪي به طبي خدمتون فراهم ڪرڻ کان لاچار آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.