ڊي آءِ خان ۾ قافلي تي حملو، ڊرائيور شهيد، ايف سي اهلڪار سميت 11 زخمي

ڊيرا اسماعيل خان(م ڊ) ڊيرا اسماعيل خان جي ضم ٿيل قبائلي علائقي تعلقي درازنده جي ڳوٺ ڪوٽ پالڪ ۾ دهشتگردن آئل اينڊ گئس  ڪمپني جي قافلي تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمپني جو ڊرائيور شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ايف سي اهلڪار ۽ نجي ڪمپني جي ملازمن سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آئل اينڊ گئس ڪمپني جاملازم۽ ايف سي اهلڪار پاڻي سان ڀريل گاڏي ۾ وڃي رهيا هئا ته دهشتگردن مٿن اوچتو حملو ڪيو، نتيجي ۾ ڊرائيور ٿڏي تي شهيد ٿي ويو جڏهن ته قافلي ۾ شامل ايف سي اهلڪار سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، انهن ٻنهي کي هيڊ ڪوارٽرز اسپتال ڊيره منتقل ڪيو ويو، واقعي بعد پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن علائقي جو ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.