ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو، ناظم آباد ٿاڻي جي حد ناظم آباد نمبر 4 جي علائقي ۾ واقع او ڪلينڪ جي سامهون نواب صديق علي خان روڊ تي بس اسٽاپ تي ويٺل هڪ شخص کي موٽرسائيڪل تي سوار نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، ايس ايڇ او ناظم آباد شفيق آفريدي موجب مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ 40 ورهين جي محمد عمر ولد زاهد عبدالقادر جي نالي سان ٿي آهي، مارجي ويل شخص جو تعلق قانون لاڳو ڪندڙ اداري سان هو، مقتول کي سيني، پيٽ ۽ هٿ تي 3 گوليون لڳيون، جيڪي موتمار ثابت ٿيون، جڏهن ته پوليس کي موقعي تان 30 بور جي پستول جا خول مليا آهن، جاچ ڪيون پيا.