ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي علائقي بولٽن مارڪيٽ ۾ غيرقانوني اسمگل ٿيل سامان جي موجودگي جي اطلاع تي ڪسٽم عملدارن ڪارروائي ڪندي 10 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جو پرڏيهي اسمگل ٿيل سگريٽ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو،ڪسٽم ٽيم بولٽن مارڪيٽ جي قراط مارڪيٽ ۾ پرڏيهي اسمگل ٿيل سامان جي موجودگي جي اطلاع تي ڇاپو هنيو ۽ وڏي انگ ۾ اسمگل ٿيل سگريٽ، پرفيوم، چاڪليٽ ۽ ٻيو غير قانوني سامان هٿ ڪري ورتو جنهن ۾ شيشا جو فليور به هٿ ڪيو ويو، ڪسٽم اختيارين موجب بولٽن مارڪيٽ تي ڪيترائي ڀيرا ڇاپا هنيا ويا آهن ۽ غير قانوني سمگل ٿيل سامان به هٿ ڪيو ويو آهي پر واپارين کي اسمگل ٿيل سامان مان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ فائدو ٿيندو نظر اچي رهيو آهي، قراط مارڪيٽ جا تالا ڪٽي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي ته اتي غير ملڪي سامان اسمگل ڪيو ويو هو ۽ جڏهن ڪسٽم جي ٽيم تالا ڪٽڻ بعد دوڪانن ۾ داخل ٿي ته اتي 90 سيڪڙو سامان موجود هو. غير قانوني سامان، ملڪي اسمگل ٿيل سامان مليو، سمورو سامان ڪسٽم آفيسرن جي نگرانيءَ ۾ درجنين ٻورين ۾ رکيا ويا ۽ انهن ٻورين کي سيل ڪري ٽرڪن ذريعي ڪسٽم جي لاڳاپيل آفيس منتقل ڪيو ويو، ڪسٽم اختيارين جو چوڻ آهي ته سڄي آپريشن دوران سخت نگراني ڪئي وئي ته جيئن ڪو به سامان هٿ ڪندڙ يا ڪو به دوڪانن مان پاڪستاني قانوني سامان يا دروازن ۾ رکيل روڪ رقم اسمگل اختيارين موجب ڪسٽم انٽيليجنس ڪراچي اسمگل ٿيل سگريٽن خلاف هڪ ٻي ڪارروائي ڪئي آهي ۽ اهڙيون ڪارروايون مسلسل جاري رهنديون.