اسلام آباد (اي پي پي) اليڪشن آزاد ۽ منصفاڻي چونڊ ڪرائڻ لاءِ تيارين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. عام چونڊ 8 فيبروري تي ٿيندي، ضلعي سطح تي چونڊ فهرستون 15 نومبر تائين مڪمل ڪيو وينديون، حتمي تڪبندين جي اشاعت هلندڙ مهيني جي آخر تائين ٿيندي، سياسي پارٽين، ميڊيا ۽ مبصرن لاءِ ضابطه اخلاق کي به حتمي شڪل ڏني وئي آهي، ڪميشن 34 ميڊيا ورڪشاپس کان علاوه هن وقت تائين 707 شاگردن جي اورينٽيشن سيشنز جو بندوبست ڪيو آهي، 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي پولنگ جي عمل لاءِ داخل ڪرڻ لاءِ پڻ تياريون آخري مرحلي ۾ آهن. سڄي ملڪ ۾ مقرري لاءِ پرزائيڊنگ آفيسرن، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ پولنگ عملي جي فهرستن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. اي سي پي عالمي مبصرن لاءِ ضابطه اخلاق کي پڻ حتمي شڪل ڏني آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان مطابق اليڪشن ڪميشن ۽ ان جي سڄي ملڪ ۾ چونڊ اهلڪار، پولنگ ورڪرز ۽ رضاڪار پنهنجي محنت سان هڪ هموار ۽ شفاف چونڊ عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن. اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ مڪم تياريون ڪري رهيا آهيون ته جمهوريت جي بنياد ماڻهن جي نمائندگي تي منحصر آهي، جتي هر هڪ ووٽ کي تسليم ڪيو ويندو آهي ۽ ان جي ڳڻپ ڪئي ويندي آهي. هن نومبر 2021ع کان پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپيرنسي (پلڊاٽ) ۽ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين دي پي) جي سهڪار سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان خاص طور تي شاگردن سان آگاهي جي مختلف سيشزن منعقد ڪرڻ جو ذڪر ڪيو. اي سي پي جي ميڊيا ڪو آرڊينيشن اينڊ آئوٽ ريچ ونگ (ايم سي او) طرفان سول سوسائٽي جي اهم تنظيمن جي سهڪار سان 34 ميڊيا ورڪشاپس کان علاوه هن وقت تائين 707 شاگردن جي اورينٽيشن سيشنز جو بندوبست ڪيو ويو آهي. انهن سيشنز ۾ عورتن، اقليتن، ٽرانس جينڊر ۽ معذور ماڻهن، اڪيڊمي، بلاگرز، رضاڪار شاگرد ۽ مقامي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن جي هڪ وڏي تعداد صف ۾ شامل هئي. عام ماڻهو جي آگاهي لاءِ لڳ ڀڳ 26000 ووٽر ايجوڪيشن بروشر بلوچستان، 100000 سنڌ ۽ 30000 خيبر پختونخوا ۾ موڪليا ويا.