ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر نگران صوبائي وزير خدا بخش مري جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي گھري ڏک جو اظھار ڪيو آھي. ھن مرحوم محمد حسن مري جي بلند درجات ۽ گھرڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪئي آھي.
عمران خان ۽ ٻين خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي اڄ ٻڌڻي
اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن ۾ اڄ سومر ڏينهن پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ ٻين خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي، جڏهن ته ٽه رڪني بئنچ تڪ بندين تي داخل اعتراضن جي به ٻڌڻي ڪندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري تفصيلن مطابق پهرين بئنچ ۾ نثار احمد دراني، شاهه محمد جتوئي، بابر حسين ڀڙوانا ۽ جسٽس رٽائرڊ اڪرام الله خان، پي ٽي آءِ سربراه عمران خان، اڳوڻن وزيرن، فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف اڻوڻندڙ ٻولي ۽ توهين وارا لفظ ڳالهائڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندا.
او آءِ سي اجلاس مان ثابت ٿيو ته اهي غزه جي تباهي جو انتظار ڪن پيا: مشتاق احمد
ڪراچي (م ڊ) اسلامي تعاون تنظيم او آءِ سي جي اجلاس تي تبصرو ڪندي سينيٽر مشتاق اسحمد چيو آهي ته ان مان عملن ثابت ٿي ويو ته هي سقوط غزه جو انتظار ڪري رهيا آهن، پنهنجي هڪ بيان ۾ سينيٽر مشتاق احمد چيو ته او آءِ سي اجلاس اسرائيل خلاف عملي قدم جي اعلان بغير ختم ٿي ويو، سفارتي، معاشي بائيڪاٽ تائين جو فيصلو نه ڪري سگهيا، سينيٽر مشتاق احمد چيو ته اجلاس ۾ ايران، ترڪيه ۽ الجزائر جون تجويزون آيون، پوري صورتحال ۾ واحد مسلم ايٽمي ملڪ پاڪستان غائب آهي، اجلاس ۾ پاڪستان جي ڪنهن تجويز جو ذڪر ناهي، پاڪستان خاموش آهي، نگران وزيراعظم ڪنهن فلسطيني ريلي کي خطاب نه ڪيو ۽ نه ئي پريس ڪانفرنس ڪئي.
ڪراچي ٽول پلازه ڀرسان ڊمپر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 3 ڄڻا فوت
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي ٽول پلازه رينجرز چيڪ پوسٽ ڀرسان ڊمپر جو موٽرسائيڪل سوارن کي ٽڪر، ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا، هڪ زخمي ٿي پيو، تفصيل موجب ڊمپر جي ٽڪر ۾ فوت ٿيندڙن جي سڃاڻپ 28 ورهين جي احسن ۽ 27 ورهين جي زوهيب جي نالي سان ٿي، جڏهن ته شديد زخمي ٿيندڙ ٻن ڄڻن کي عباسي شهيد اسپتال مان اسٽيڊيم روڊ تي قائم نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي 40 ورهين جو ذيشان فوت ٿي ويو، زخمي 45 ورهين جي شهزاد کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، پوليس موجب حادثو تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر سبب پيش آيو هو، ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڊمپر کي قبضي ۾ ورتو ويو آهي.
ان ڪارڪردگي سان سيمي فائنل ۾ نه پهچون ها: مڪي آرٿر
لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر چيو آهي ته مان بابر جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو، ڪپتان جي حيثيت سان مونکي سندس قابليت تي اعتماد آهي،هن جو چوڻ هو ته اسان سٺي ڪرڪيٽ نه کيڏي مان نه ٿو سمجهان ته ان ڪارڪردگيءَ سان سيمي فائنل تائين پهچون ها. اسان کي مستقل مزاجي سان رانديگرن کي موقعو ڏيڻو پوندو، اسان سٺي بالنگ نه ڪئي، نسيم شاهه جي انجري اسان جي بالنگ کي تمام گهڻو نقصان پهتو.