منير حيدر شاهه مٿان حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، سن ۾ هڙتال، ٿاڻي آڏو ڌرڻو

سن (ن ع آ) سن ويجھو هڪ سال اڳ پهريون واٽر وٽ سائين جي ايم سيد جي پوٽي سيد بدرالزمان شاھ ۽ سندس پٽ سيد منير حيدر شاھ مٿان مبينا طور تي نامعلوم ماڻهن قاتلاڻو حملي ڪري گوليون هلايون ويون هنيو  جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب سندن همدرد 9 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، جنهن کان پوءِ سيد منير حيدر شاھ جي فرياد تي کوسا ڌر جي مٿان حملي جي الزام هيٺ ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويو هو، هڪ سال گذرڻ باوجود به پوليس اهي ڪيس ۾ گھربل جوابدارن گرفتار نه ڪري سگهي، ايس ايس پي ڄامشورو جي نااهلي خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي ، سول سوسائيٽي ، واپارين دڪاندارن طرفان سن شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري  زوار سيد خادم حسين شاھ لاهوتي، عنايت الله شاهاڻي ، انور منڱڻهار ، واحد بخش شاهاڻي ، غلام نبي شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سن جي مقدس ڌرتي مان سدائين محبت پيارن جي خوشبو مهڪار ڪئي آهي، شاھ حيدر سنائي کان ويندي سائين جي ايم سيد تائين سنڌ جي دردن جي درماني ٿي آهي ۽ هميشه مظلوميت سان گڏ بيهي ڏاڍ جبر کي للڪاريو آهي، سنڌ جي ترقي خوشحالي جي لاءِ اعظيم ليڊرن پاڻ هميشه پاڻ پتوڙيو آهي اهڙي اعظيم رهبرن جي پڳدارن سيد بدرالزمان شاھ ۽ سيد منير حيدر شاھ مٿان ڪجھه بدمعاش امن دشمن ماڻهن قاتلاڻو حملو ڪري سن جي امن واري ڌرتي تي ناپاڪ شازشن کي جنم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي اهي نام نهاد شهر جو امن خراب ڪرڻ جي لاءِ سمورا حربا استعمال ڪري رهيا آهن، حملي آور ڏوهاري قسم جا ماڻهن سيد خاندان جي حمايتن ۽ همدردن کي مختلف وقتن ڌمڪائي سن شهر ۾ خوف و حراس پکيڙي رهيا آهن، هنن خدشو ظاهر ڪندي چيو ته قاتلاڻي حملي جا جوابدارن کي پوليس طرفان کلي ڇوٽ سبب سن شهر ۾ وڏي جاني نقصان ٿيندو جنهن جو ذميوار ايس ايس پي ڄامشورو هوندو، احتجاجي ڪندڙن آءِ جي سنڌ پوليس کان مطالبو ته ايس ايس پي ڄامشورو کي هٽائي  سيد بدرالزمان شاھ ۽ سيد منير حيدر شاھ مٿان قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.