حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) ملڪ تي اشرافيا طبقن جي حڪمرانن سان عوام ۾ خوشحال نه ايندي، نواز شريف کي عمران ۽ زرداري وانگر هڪ دفعو ٻيهر عوام مٿان مسلط ڪرڻ جي تياري ٿي رهي آهي، (ن) ليگ، پپ ۽ پي ٽي آءِ ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان پاران “آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جي 106 سالا سالگرهه ۽ حسن ناصر جي شهادت” جي عنوان هيٺ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل گڏجاڻي دوران اڳواڻن ڳالهائيندي ڪيو. گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته پاڪستان جهڙي ملڪ جي ترقي سوشلسٽ نظام جي قيام بغير ناممڪن آهي، پاڪستان جي وسيلن ۽ اقتدار تان سيڪيورٽي، سول اسٽبلشمينٽ، جاگيردار، سردار، پير، ملان، سيٺ ۽ سرمائيدار طبقن جو قبضو ختم ڪرائڻو پوندو، جنهن لاءِ ملڪ ۾ طبقاتي بنياد تي مزدورن، هارين، وچولي طبقن، نوجوانن ۽ عورتن کي انقلابي تنظيم ۾ منظم ڪري سوشلسٽ انقلاب برپا ڪرڻ سان ئي عوام جي خوشحالي ٿيندي. هن چيو ته ڪميونسٽ پارٽي جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي ڪامريڊ حسن ناصر جيان ولولي، قرباني ۽ ايثار جي جذبي سان انقلابي طبقن ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. گڏجاڻي دوران ڪامريڊ اقبال، پيس اينڊ ساليڊرٽي ڪائونسل جي جنرل سيڪريٽري مصطفيٰ راڄپر، ريلوي محنت ڪش يونين جي اڳواڻ نياز خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته حڪمران پنهنجا خرچ گهٽ ڪري ملڪ تان معاشي ٻوجهه گهٽ ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ بدران خرچ وڌائيندا پيا وڃن. حڪمران نوان نوان قرض وٺڻ لاءِ آءِ ايم ايف ۽ ٻين سامراجي مالياتي ادارن جي شرطن تحت ملڪي ادارا ۽ قيمتي اثاثا وڪرو ڪندا ۽ ٺيڪي تي ڏيندا پيا وڃن، عوام تي روز ڪي نه ڪي نوان ٽيڪس لڳائي عوام جي غربت ۽ مفلسي ۾ اضافو ڪندا پيا وڃن. هنن چيو ته عوام کي لساني ۽ علائقائي بنيادن تي تقسيم ڪري ڪنهن گڏيل ملڪگير احتجاج کي ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي، مختلف حربن سان عوام ۾ مايوسي پکيڙي وئي آهي. هنن چيو ته اسان کي ڪامريڊ حسن ناصر وانگر مسلسل ۽ هيٺين سطح تائين عوام ۾ وڃي انهن کي مايوسي ۽ تنگ نظري مان ڪڍي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي عوامي محاذن ۾ منظم ڪري نظام کي بدلائڻ لاءِ جدوجهد تيز ڪرڻي پوندي. هنن چيو ته جهڙي طرح روسي عوام 1917ع ۾ پنهنجي حڪمرانن ۽ ڍڪوسلا جمهوريت کي شڪست ڏئي سوشلسٽ انقلاب برپا ڪيو هو، ساڳئي طرح اسان کي انهن مان رهنمائي حاصل ڪري پاڪستان جي حالتن کي مدنظر رکي انقلاب آڻڻو پوندو. هنن چيو ته روسي انقلاب جهڙي طرح قليل عرصي ۾ سئو سيڪڙو تعليم، علاج ، روزگار ۽ گھر، سرڪار طرفان مهياڪيا ويا هئا، ساڳئي طرح انقلاب کان پوءِ اسين اهي سموريون سهولتون سرڪار طرفان فراهم ڪرڻ جي ضمانت ڏيون ٿا. گڏجاڻي کان پوءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڪميونسٽ پارٽي ۽ پاڪستان پيس اينڊ ساليڊرٽي طرفان فلسطيني عوام جي نسل ڪشي، يوڪرين ۾ سامراجي مفادن جي جنگ، بلوچستان ۾ فوجي آپريشن بند ڪرائڻ ۽ دنيا ۾ امن قائم ڪرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو.17