رياض(م ڊ) غزا جي صورتحال جي حوالي سان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ۽ عرب ليگ جو گڏيل اجلاس اسلامي ملڪن جي اڳواڻن جي مذمت تائين محدود رهيو ۽ وڏا وڏا بيان ڏيڻ باوجود سمورا اسلامي ملڪ ڪنهن فيصلي واري نتيجي تي پهچڻ ۾ ناڪام رهيا. اجلاس ۾ الجزائر ۽ لبنان سميت ڪجهه ملڪن اسرائيل جي وحشي بمباري جي جواب ۾ اسرائيل ۽ ان جي اتحادين کي تيل جي فراهمي منجمد ڪرڻ جي تجويز ڏني.ان کان علاوه انهن ٻنهي ملڪن اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪرڻ وارن عرب ملڪن کان مطالبو ڪيو ته هو اسرائيل سان اقتصادي ۽ سفارتي لاڳاپا ختم ڪن. هڪ سفير پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي چيو2020 ۾ اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪندڙ يو اي اي ۽ بحرينس سميت ٽن ملڪن ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو،